اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ وڏي پئماني تي بدعنوانين ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيا آهن، مخالف ڌر سدائين اقتدار براءِ ڪاروبار ڪيو آهي عوام جي خدمت ناهي ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪ??مت ملڪ مان مافيا ۽ بدعنواني جي لعنت جي خاتمي لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي، جيڪڏهن ملڪ کي برباد ڪندڙن سان هٿ ملائي وٺون ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي موت هوندي، مخالف ڌر پارٽين سان چونڊ، معاشي ۽ اداره جاتي سڌارن سميت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر حڪ??مت بدعنوان عنصرن سان احتساب جي م??املي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي، وزيراعظم عمران خان چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ش?? آف هينڊ جي ڳالهه ڪئي آهي، مخالف ڌر پارٽيون جيڪڏهن چاهين ٿيون ته چونڊون تڪراري نه ٿين ته کين حڪ??مت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، حڪ??مت کي م??الف ڌر جي جلسن سان ڪو به فرق نٿو پوي، پر جلسن سان ڪورونا وڌڻ ۽ ملڪي م??يشت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، مولانا فضل الرحمان جو سياسي مفاد لاءِ شبر زيدي جي بيان کي غلط رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، کيس معذرت ڪرڻ گهرجي، عوام کي ا??يل آهي ته هو ڪوورنا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ذميدارن قوم هجڻ جو ثبوت ڏي، نجي ٽي وي چيئنل جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا جي ٻي لهر وڌيڪ تيزي سان اٿي آهي ۽ ڪيترائي ملڪ بيهر ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي، اين سي او سي جي انگن اکرن کانپوءِ حڪ??مت پنهنجي جلسي ختم ڪيا ته جيئن عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي، حڪ??مت وزيراعظم عمران خان جي فيصل آباد جي دوري دوران ان جو عملي م??اهرو به ڪري ڏيکاريو آهي،