اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين ئي طاقتور آهن، بجلي وانگر گ??س جي شعبي جو گردشي قرض به وڌي ر??يو آهي، درآمدي ۽ ملڪ جي اندر پيدا ٿيندڙ گ??س جي قيمت ۾ تمام وڏو فرق آهي، درآمدي گئس موجوده قيمت تي فراهم ڪرڻ جي سٽ سهي نٿا سگهون، ??ين??ڙ سردين ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، گذريل 30 سالن ۾ ملڪ جي توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، ماضي ۾ بر??قت فيصلا نه ٿيڻ جي ڪري اسان جي صنعتن تي بار پيو، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بحث ۽ مباحثو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پيٽروليم ڊويزن جي اهتمام هيٺ گ??س جي گهرج ۽ رسد بابت ”پاڪستان ۾ گ??س جي وڏي مقدار ۾ فراهمي?? استحڪام ۽ سيڪيورٽي“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سبسڊيز ڏيڻ جو مقصد غريب عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ هوندو آهي ته جئين انهن کي سستي سهولت دستياب ٿئي، ٻيو انهن علائقن لاءِ سبسڊي ڏني ويندي آهي جيڪي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن ته جيئن في ڪس آمدني ۽ جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان قرض واپس ڪريون، هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين طاقتور آهن.