اسلام آباد – 25 جو??اءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، 25 جو??اءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت ??اف??ه، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي. 25 جو??اءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو ته فرسوده نظام جا خالق ملڪي ادارن ۽ معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن چيو ته ڪورونا ??با کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.