لاهور – 18 ج??لا??ِ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي و??ي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض ??لح??ن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظ?? عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزيراعظ?? عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار ب?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم ن?? ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.