اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنج??ب ۾ صحت سميت ٻين شعبن کي نظرانداز ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپتالن سميت صحت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نجي ٽي وي چي??ل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چي?? ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف مل?? ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لاءِ قوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي قومي ناڻي کي ڦرڻ ۽ صحت سميت ٻين ادارن کي تباهه ڪرڻ جي حوالي سان نيب جي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.