اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مخالف ??ر کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪرونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ تحفظ جي لاءِ سي??ست کي پٺتي رکي حڪومت جو ساٿ ڏي، اميد هئي ته فارن اڪا??ون??س مان فائدو کڻندڙ شريف ڀائرن جي وطن واپسي جو اعلان ٿيندو پر (ن) ليگ وارن ميڊيا آڏو بي وقتائتو راڳ آلاپيو آهي، لنڊن ۾ ويهي هر قسم جي فيشني ٽوپي پائي بيان ڏيڻ بدران ملڪ واپس اچڻ جي تاريخ جو ٻڌائين. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرونا وائرس هڪ عالمي چئلينج آهي جيڪڏهن مخالف ??ر ان تي به سي??ست ڪري ٿي ته اها انهن جي پنهنجي ذهني پسماندگي آهي.