پشاور – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رانديگر نه هجان ها ته سياست ۾ هار مڃي چڪو هجان ها، زندگي لاهن چاڙهن جو نالو آهي، هيٺ ڪري اٿڻ وارو پهرئين کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي، راند ئي مش??ل حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکاريو. قيوم اسپورٽس ڪامپليڪس پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته زندگي مقابلي جو نالو آهي، هن چيو ته شڪست کان نه هارائڻ وارو ئي چيئم??ين هوندو آهي ڇو ته هو پنهنجي شڪست جي سببن کي سامهون رکي ٻيڻي محنت ڪندو آهي.