لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار ع??مان بوزدار چيو آهي ته تنقيد براءِ تنقيد ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن، اهڙن عنصرن جي ذاتي مفادن جي ايجنڊا آهي، اسان جو ڪم ۽ مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، آئون عوام جي حقن جو نگهبان آهيان، ڪنهن کي عوام جي مفادن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب جي وڏي وزير سردار ع??مان بوزدار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاق??ت ۾ ڪيو.