اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري آ??ي، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياماني، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽر ??ي پنهنجي پيغام ۾ پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لا??ِ کٽڪي ٿو جو هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.