اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ چونڊن واري ڏهاڙي تي سڄي م??ڪ ۾ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي. سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي م??ارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊن جي پڄاڻي جي م??قعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فورسز کي پرامن چونڊون ڪر??ئڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان انهن جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل کي پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪ??و. ??هرو وزير چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي م??رري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي جيڪي هر شهري جي پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق ک?? استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي جيڪا اسان جي حفاظتي قدمن جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻ?? اسان جي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عوام کي پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خ??ري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.