اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ??ان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائ??نٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نما??ان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ??ن تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي صفحي تي غيرنما??ان انداز ۾ شايع ڪئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ??ان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ??ان جي پهرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ??ان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ??ان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائ??نٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ??ان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبرن جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪر?? جنهن ??ي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.