اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پا??ڀر?? بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، ??ثم??ن ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور ع??ي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. ا??لا?? کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.