اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سف??ر نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 ج?? صورتحال ۽ گڏيل لاڳ??پن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ??اميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻ?? لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ??ورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.