اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي عڪاس آهي، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??يون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي پرڏيهي وزير هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏين??ن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏڙن جي انهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي شروع??ت 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جو عڪاس آهي، ان ڏين??ن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، بزرگن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي خواب کي عملي جامو پارايو. اهو ڏين??ن اسان کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون. ان موقعي تي آئون ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آ??يون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آهي. موجوده حڪومت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پير?? آهي. ان ڏين??ن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪريون ٿا.