اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) ال??ڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نئين سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ال??ڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف ال??ه سرور خان نيازي، عون عباس، اعج??ز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افتان ال??ه خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شهربانو شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعوان، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف ال??ه ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، سيد شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت ال??ه خان ۽ جي يو آءِ (ف) جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمدزئي، منظور احمد، سرفر??ز احمد بگٽي، سعيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن.