اسلام آب??د ?? 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي ج?? عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني ج??رل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ??ڌڻي ۽ فيصلي ج?? لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي وڃي.