اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڪورونا سان گڏ ماڪڙ جو حملو پاڪستان جي لا??ِ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ هر ممڪن قدم کڻندي، ماڪڙ کان بچاءُ جي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن کي جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر (اين يل سي سي) جي دوري دوران ڪيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي ماڪڙ کان بچاءُ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.