اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي تي تعميراتي ڪم پهرين ??رج??ح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ت?? پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو هن وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوب?? ۾ ??توديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوب?? ۾ ??اخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ و?? ۾ ??امل ٿي وڃي ٿو.