اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري خطي ۽ عالمي سطح تي درپيش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ث??وت آهي، سندس بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر پن??نج?? سياست جي ل??ءِ عوام جي زندگين سان نه کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پن??نج?? بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، پاڪست??ن جي عوام باشعور آهي، ملڪي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بي??قوف نٿا بڻائي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي ل??ءِ ادارن کي مفلوج ڪيو، پن??نج?? منشور تحت اسان ادارن ۾ سڌارا آڻي سروس ڊليوري بهتر بڻائي رهيا آهيون.