اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) درآ??دي پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون ند??م بابر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي درآمد ٿيل پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ نقصان کان بچڻ جي لاءِ مختلف آپشنز ج?? جائزو وٺندي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي فيصلن، آبزرويشنز ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ج?? حوالي سان ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي روشني ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ج?? هيومن ريسورس ريئلائيزيشن منصوبي جي مڪمل ۽ حتمي منظوري ڏئي ڇڏي.