اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪستان جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ ??اف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهتري?? آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪستان جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنج?? ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.