روالپنڊي-14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهگاهن ۽ آزاداڻي ڪارروائيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي توقع ظاهر ڪئي آهي ته عارضي افغان حڪومت حقيقي معنائن ۾ ۽ دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن مطابق ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگرديءَ جو سبب بڻجندڙ لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اج??زت نه ڏيندي، اهڙيءَ طرح جا حم??ا ناقابل برداشت ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان مؤثر جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪوئيٽه گيريزن جو دؤرو ڪيو جتي هن کي زوب ۾ ٿيل هاڻوڪي دهشتگرد حم??ي تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. سي ايم ايڇ ڪوئيته ۾ زخمين جي عيادت ڪئي، قوم لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي عزمن کي ساراهيو. پاڪ فوج کي افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي محفوظ پناهگاهن ۽آزاداڻي ڪارروائي تي شديد ڳڻتي آهي. توقع آهي ته عارضي افغان حڪومت حقيقي معنائن ۾ دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن مطابق ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگرديءَ جو سبب بڻجندڙ لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اج??زت نه ڏيندي. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ افغان شهرين جو ملوث هئڻ هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙيءَ طرح جا حم??ا برداشت جوڳا ناهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان مؤثر جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهندي ۽ هٿياربند فوج ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي پاڙؤن پٽي ڦٽو نه ڪنداسين. ان ک??ن اڳ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽه آرمي چيف جو استقبال ڪيو.