ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ 19 سالن ک??نپوءِ نيشنل گيمز منعقد ٿيڻ خوش آئنده آهي، پا??ستان حڪومت نوجوانن جي راندين ۾ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، اها ئي قوم ترقي ڪندي آهي جيڪا تعليم سميت هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي، پا??ستاني قوم جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، ان کي استعمال ۾ آڻي نه رڳو پا??ستان پر سڄي دنيا ۾ راندين جي مقابلن ۾ هر ميدان ۾ پا??ستان جو نالو بلند ڪري سگهون ٿا ان جي لاءِ بنيادي شرط موقعن جي فراهمي ۽ صلاحيت ?? اضافو آهي، 9 مئي جا واقعا مذمت جوڳا ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي ته جيئن اهڙا واقعا قيامت تائين ٻيهر نه ٿين، دشمن 75 سالن ۾ اهو ڪم نه ڪري سگهيو جيڪو عمران خان ڪري ڇڏيو، 9 مئي پا??ستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 34 هين نيشنل گيمز جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 32 مختلف راندين ۾ 6 هزار کان وڌيڪ رانديگر شريڪ آهن. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ 34 هين نيشنل گيمز جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ??زيراعظم سان گڏ هئي جڏهن ته بلوچستان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ ۽ بلوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو پڻ ??وجود هئا. بلوچستان ۾ نيشنل گيمز 19 سالن ک??نپوءِ منعقد ٿي رهي آهي. وزيراعظم کي نيشنل گيمز ۾ شامل رانديگرن پاران سلامي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رانديگر پنهنجي محنت ۽ قابليت سان نه رڳو پا??ستان پر ٻاهرئين دنيا ۾ پڻ پا??ستان جي سرسبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي ڪاميابين سان وڌيڪ سربلند ڪيو، وفاقي حڪومت پوري قوم پاران مبارڪباد پيش ڪري ٿي، گورنر، وڏي وزير ۽ انتظامي ڪميٽي کي ان شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي جا بهترين قدم کنيا، انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته 19 سالن ک??نپوءِ نيشنل گيمز بلوچستان ۾ منعقد ٿي رهيون آهن، هي مبارڪ ڏينهن آهي، هي گيمز ان شهر ۾ ٿي رهيون آهن جتي قائداعظم 1948ع ۾ آيو ۽ هن تاريخي شهر ۾ نيشنل گيمز جو انعقاد پا??ستان سان والهاڻي محبت جو عظيم شاهڪار آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستاني قوم جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، ان کي استعمال ۾ آڻي نه رڳو پا??ستان پر سڄي دنيا ۾ راندين جي مقابلن ۾ هر ميدان ۾ پا??ستان جو نالو بلند ڪري سگهون ٿا ان لاءِ بنيادي شرط موقعن جي فراهمي ۽ صلاحيت ?? اضافو آهي، پا??ستان حڪومت ماضي وانگر جهڙي طرح ليپ ٽاپ ورهايا، دانش اسڪول ٺهرايا، راندين جي ميدانن کي آباد ڪيو، ڪاميابيون حاصل ڪندڙن کي انعامن سان نوازيو ويو، اهڙي طرح راندين جي ميدانن ۾ به وفاقي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، اها ئي قوم سگهاري هوندي آهي جنهن جا نوجوان صحتمند ۽ سگهارا هجن، تعليم جي زيور سان ليس قوم ئي ترقي ڪندي آهي جهڙي طرح بلوچستان ۽ پوري پا??ستان کي عظيم قربانين جي نتيجي ۾ امن جو گهوارو بڻايو ويو، اڄ کان 15، 20 سال اڳ دهشتگردي کان پا??ستان جو ڪو علائقو محفوظ نه هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسان جي انهن فرزندن قربانيون ڏنيون جهڙي طرح پا??ستان جي لاءِ قربانيون ڏنيون ويون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن ڀرپور قربانيون ڏنيون آهن، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور، جي ايڇ ڪيو تي حملا ٿيا، هڪ منظم دهشتگردي جي لهر پوري پا??ستان کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو هو تڏهن اهو فيصلو ٿيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻو آهي، اهو الله جو خاص ڪرم آهي ته انهن عظيم قربانين جي ڪري دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪري ان جو خاتمو ڪيو، اڃا به اهي ڪٿي ڪٿي ڪَنڌ کڻن ٿا پر انهن جو ڪنڌ ضرور ڪچليو ويندو، اسان جي شهيدن قوم جي حفاظت ۽ امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي، انهن شهيدن جي لاءِ سدائين دعا ۽ انهن جي حرمت ڪرڻ گهرجي، انهن جي ڪري پا??ستان امن جو گهوارو بڻيو، دشمن پا??ستان کي نقصان پهچائڻ چاهيندو هو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا تازا واقعا تڪليف ڏيندڙ آهن، جهڙي طرح لاهور ۾ جناح هائوس، زيارت ۾ قائداعظم جي رهائشگاهه تباهه ڪئي وئي اهو ڪم دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن جو آهي، ڪو محب وطن اهو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جهڙي طرح ريڊيو پا??ستان جو 1947ع کان اڄ تائين جو رڪارڊ ساڙيو ويو، ان ريڊيو پا??ستان تان آزادي جي نويد ٻڌائي وئي، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي تي حملو ڪيو ويو اها واضح طور تي وطن دشمني ۽ دهشتگردي آهي، دشمن 75 سالن ۾ اهو ڪم نه ڪري سگهيو جيڪو 9 مئي تي هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعي جي صورت ۾ پا??ستان ۾ پيش آيو. هن چيو ته اسان کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا جو قانون ۽ آئين جي دائري ۾ قيامت تائين اهڙي طرح جا واقعا نه ٿين ۽ جن ماڻهن اها ڪڌي حرڪت ڪئي ۽ پا??ستان جي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي اها ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آهي، اهو قدم سدائين مذمت جوڳو ۽ 9 مئي جو ڏينهن پا??ستان جي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ انهن کي پڪڙ ۾ وٺندو ۽ آئين ۽ قانون موجب انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي ته جيئن قيامت تائين ڪير به اهڙي طرح جي ٻيهر جرئت نه ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هي اڄ جو شاندار ايونٽ قومي يڪجهتي جو مظهر آهي، اهو پا??ستان کي هر شعبي ۾ عظيم تر بڻائڻ جو عزم ۽ جذبو آهي، اسان پنهنجي نوجوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن سان واعدو ڪريون ٿا ته سمورا دستياب وسيلا انهن جي قدمن ۾ نڇاور ڪنداسين، اهي پا??ستان جو مستقبل آهن.