اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??عم??راتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ خاص طور تي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي ??عم??ر ۾ بنا رڪاوٽ اڳڀرائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ??عم??رات ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ اهڙي طرح گيهه جهڙين بنيادي ضرورتن جي شين جي طلب موجب بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن شين جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي بنيادي شين ۽ ??عم??راتي مٽيريل جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن ۾ استحڪام جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناني واري ??فا??ي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزير مخدوم خسرو بختيار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيمنٽ ۽ سريي جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن جي صورتحال کانسواءِ گيهه جهڙين بنيادي ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ??ندي چيو ته ??عم??راتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ خاص طور تي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي ??عم??ر ۾ بنا رڪاوٽ اڳڀرائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ??عم??رات ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ اهڙي طرح گيهه جهڙين بنيادي ضرورتن جي شين جي طلب موجب بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن شين جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن.