اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آز??دي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سڀني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. قائداعظم جي مزار ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آز??دي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شامل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آز??دي حاصل ڪري وجود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏهاڙي جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پارليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪيو ويو آهي، انهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به قومي جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهن، آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشتهار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا، سرڪاري طور تي آز??دي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪ??مت جي ڪاميابين ۽ بهترين حڪ??ت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي موڪل هوندي، آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واگها بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، آز??دي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد جي سڀني روڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سڀني نن??ن وڏن شهرن ۾ جشن آز??دي جون تياريون پنهنجي عروج تي آهن، پاڪستان سان گڏوگڏ آز??د ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن، سي ڊي اي پاران به قومي جهنڊا لڳايا ويا آهن.