اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابط?? جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيل?? جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثر?? جي باري ۾ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيش?? جي سلسلي ۾ هنگري جي حڪومت جي ڪوشش?? جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستا?? جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهي?? جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.