اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺ??هه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي ق??اد?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت ??ار??ن ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهن??و مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺ??هه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمران خان جي ق??اد?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمران خان جي مثالي ق??اد?? جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.