لاهور – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو جٿو آهي جنهن ۾ ڪنهن جو هڪ ٻئي سا?? جوڙ نه آهي، هر ڪو پنهنجي مفاد کي کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) پنهنجي قيادت کي ڪلين چٽ ڏيارڻ جي لاءِ پريشر وجهڻ چاه?? ٿي پر ا?? جي مئچ وزيراعظم عمران خان سا?? آهي جيڪو ناممڪن آهي، سينيٽ چونڊن کي اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي معاملي ۾ شفافيت تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان جي مخالفت اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جيڪي چونڊن ۾ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جو پئسي تي ايمان آهي ۽ انهن پئسي تي ئي سياست ڪئي آهي ۽ پئسي جي ذريعي ئي ماڻهن کي خريد ڪيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ حڪومت اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي ته جيئن اهي ماڻهو بي نقاب ٿي سگهن جيڪي چونڊ عمل ۾ شفافيت نه ٿا چاهين. هو سُندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي صحافين سا?? ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي سينيئر صحافين، دانشورن ۽ وڪيلن سميت مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آندي وڃي ۽ وزيراعظم عمران خان به هڪ عرصي کان اها ڳالهه چئي رهيو آهي ته سينيٽ اليڪشن شفاف بڻايون وڃن ۽ان سلسلي ۾ سينيٽ جي 2018ع جي چونڊن ۾ اسان 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ طرف چو?? ٿي ته چونڊ عمل شفاف ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ ئي ان جي مخالفت ڪر?? ٿي، اهي چاهين ٿا ته منحوس طريقي سا?? خريد ۽ وڪرو ٿيندو رهي پر ا??ا هڪ اهڙي ڪاز آهي جنهن تي ڪو بحث يا ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊيوڊ روز جي معاملي تي احتساب وارو صلاحڪار قانوني نقطا واضح ڪندو پر مخالف ڌر جو اهو شيوو رهيو آهي ته اُها ڳالهه سمجهڻ کان اڳ مٺايون ورهائ?? ٿي جيئن جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ به ٿيو پر جڏهن اهي ترجمو ڪري يا تفصيلي ڏسن ٿا ته انهن ??ي شرمندگي ٿئ?? ٿي، اهڙن ڪيسز ۾ اڳ ۾ پيراميٽر طئ?? ٿين ٿا ۽ ايشوز کي فريم ڪيو وڃي ٿو پوءِ بعد ۾ خبر پو?? ٿي، مخالفن کي گهرجي ته اهي مٺايون نه ورهائين ڇو ته ان ڪيس ۾ اڃا تمام گهڻو سفر باقي آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جي اهڙن عنصرن سا?? ڪا ڊيل نه ٿ?? ٿي سگهي جن ملڪ کي ڦريو ۽ سرڪاري وسيلن کي ذاتي استعمال ڪيو هجي، اهڙيون ڳالهيون اسان جي بنيادي فلسفي جي خلاف آهن.