اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي اقتصادي، سماجي ۽ قانوني لحاظ کان بااختيار بڻائڻ مع??شر?? جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ملڪي آئ??ن ۽ قانونن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪوبه شڪ شبهو نه آهي، بنيادي معاملو عورتن جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ?? عملي قدمن جو آهي، عورتن جي حوالي سان آئ??ني گهرجن ۽ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي قانوني، اقصادي ۽ معاشرتي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي گرينڊ قومي مڪالمي جي شروع ٿيڻ تي خصوصي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو.