اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ??مورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته ??يئن رليف سرگر??ين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن ??و ازالو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير محمد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي چيئر??ين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي چيئرمين، فلڊ ڪميشن جو چيئرمين، ڊي جي ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز و??يو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.