اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ گڏجاڻ?? ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ هن وقت سڄي ملڪ ۾ 102 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن. ان کانسواءِ فورم ۾ فرنٽ لائين تي ان وبائي مرض جي خلاف منهن ڏيندڙ هيروز جي لاءِ حوصلي جوڳي پئڪيج ۽ جون/ جولاءِ ۾ وبا جي خلاف اضافي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ايس او پيز تي عملدرآمد ن?? ڪرڻ ۽ سماجي فاصلن جي خلاف و??زي ڪرڻ تي پوري ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٺاهيل صوبائي ٽيمون مارڪيٽس، صنعتن، ٽرانسپورٽ ۽ وائرس جي ا??ڪا??ي ڦهلاءُ وارين جاين تي آپريشن ڪيو.