اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ورونا وائرس ک??ن بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شرو?? ۾ ??با جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا ک??ن بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان ??ذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ??ورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ??نه?? لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئل?? جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.