اسلام آباد – 12 اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادار?? جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معا??ي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخ?? معاشي مسئلا درپيش آهن.