سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته و??يراعظم جي قائداڻي صلا??يت?? سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه و??رو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته و??يراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.