اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هڪ طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عو??م جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿي ره??و آ??ي جڏهن ته ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عو??م جي ترقي جو رستو روڪڻ جا منصوبو بڻايا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم ڏسي ره?? آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چيو ته مولانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.