ڪوهاٽ – 28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ، ادارن کي بااختيار بڻائي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ??ري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته ناڻو خالي هو جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي پاڪستان کي عزت ڏ??اري، آمريڪا ۽ يورپي قيادت آڏو ڪڏهن معذرت وارو انداز اختيار نه ڪيو. هو ڪوهاٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.