اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آم??يڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ??يڙ??ڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري برادري جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي ڪاروباري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ?? ڪم ڪندڙ آم??يڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي ??يڙ??ڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.