اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آه??، انهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آه??، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي ??قصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي ??ارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آه?? ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ??زيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي سان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پر??زم آه??. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفافيت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آه??. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آه??. وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آه??.