اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي درگذر جو رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ سروسز واري وزارت طرفان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن ۾ ٻا??ن جي ذهني دٻاءُ جي جائزي جي پروگرام سان ٻا??ن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ مسئلن کان بچائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ نوجوانن کي درپيش ذهني صحت جي چئلينجز ۽ ان جي حل ??ابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.