اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي آئي??ڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئنڪ ۽ آئي??ڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت س??ا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سان ??پي?? جمع ڪرائڻ تي آئي??ڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئي??ڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئي??ڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل موڪلڻ جي آئي??ڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وفاقي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئي??ڪو وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي ??پي?? ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته آئي??ڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پريشان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئي??ڪو کي موڪلڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته آئي??ڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ملوث بئنڪ ۽ آئي??ڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت س??ا ڏني وڃي.