اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده عرب ام??رات جي ماڊل تي عمل ڪر?? چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ متحده عرب ام??رات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. ام??رات نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشن?? ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده عرب ام??رات جي وزيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده عرب ام??رات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿو ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده عرب ام??رات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ اهو اسان پاڪستان ۾ به ڪر?? چاهيون ٿا، هن چيو ته متحده عرب ام??رات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده عرب ام??رات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده عرب ام??رات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان متحده عرب ام??رات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ته اسان وٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان وٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها سيڙپڪاري جي جنت آهي، صدر متحده عرب ام??رات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عو??تن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عو??تن کي بااختي??ر بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.