فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يش??ل اسپتال جناح ڪالوني فيصل آباد ۾ 12 بيڊز تي ٻڌل نئين ڪورونا وارڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ڌيان انساني ترقي تي آهي جنهن جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته هاڻي 30 سالن تائين جي نوجوانن جي ويڪسي ??يش?? شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ اين آءِ سي ادارو چائنا سان گڏجي ويڪسين تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ??وچ??و اها وبا سامهون آئي ته حڪومت کي ڪوويڊ 19 ۾ وڏا چئلينجز درپيش هئا جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي ٽيسٽن جي لاءِ پي سي آر ليبز جي پڻ ک??ٽ هئي پر حڪومت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ هاڻي 50 هزار ٽيسٽ روزانو ڪيا پيا وڃن اهڙي طرح وسيع پئماني تي تياري جي ڪري فيس ??اس?? پڻ انتهائي گهٽ قيمت تي دستياب آهن جڏهن ته ڪورونا ڪٽس جي پيداوار پڻ شروع ڪرڻ سميت اسان ??اس?? ۽ ڪورونا ڪٽس ايڪسپورٽ پڻ ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان وينٽي ليٽرز جا ماڊل پاس ٿيا ۽ اهي پاڪستان ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.