اسلام آباد – 20 – مئي (??ي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جا??ي اسرائيلي جا??حيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آ??ي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطين ۾ جا??ي اسرائيلي جا??حيت ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسرائيلي جا??حيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آ??ي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جا??حيت جو فوري نوٽيس وٺي ?? جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.